گلڻ فقير جکراڻي

گلڻ فقير جکراڻي: گل محمد ولد پليو فقير جکراڻي 1927ع ۾ ڳوٺ پراڻي جاگير جانيديري، تعلقي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي طور ڪجهه درجا تعليم حاصل ڪيائين. حڪمت ۾ کيس ڏات مليل آهي. هيءُ حڪيم ۽ عامل آهي. پاڻ هڪ درويش صفت فقير ۽ بنا ڪنهن لالچ جي ماڻهن جي خدمت ۾ لڳل نظر ايندو. وٽس پري پري کان علاج لاءِ ڪيترائي ماڻهو ايندا رهن ٿا، جن کان معاوضو وغيره نه وٺندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو